ديوان احسن

ديوان احسن

ديوان احسن

ديوان احسن (ڪتاب): هيءُ دادو جي مشهور شاعر حافظ محمد ’احسن‘ ملڪاڻي جو غزليه ديوان آهي. ڪتاب جو ديباچو جمع خان ’غريب‘ جو لکيل آهي. ديوان جي آخر ۾ تقريظ محمد بخش ’واصف‘ ۽ علي حيدر ’حيدري‘ جي لکيل آهي. جڏهن ته قطعه تاريخون جمع خان ’غريب‘، فقير ميان هدايت علي ’نجفي‘، ميان علي حيدر ’حيدري‘، محمد رمضان ’ثاقب‘ ۽ ميان در محمد قريشي بوبڪائي جون چيل آهن. هيءُ ڪتاب سال 1933ع ۾ شيواجي پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻي مان ويڙهو مل کٽڻ مل ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۾ 168 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 10 آنا آهي.


لفظ ديوان احسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو